جانش بهادر ۽ جان بيگ

جانش بهادر ۽ جان بيگ: جڏهن اڪبر بادشاهه سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ مشهور سپهه سالار عبدالرحيم خانخانان کي مقرر ڪيو ۽ سنڌ ۾ سندس جو لشڪر پهتو، ته ان وقت ان سان گڏ مير معصوم بکري به گڏ هو. سنڌ ۾ ان وقت ميرزا جاني بيگ ترخان جي حڪومت هئي. خان خانان 14 صفر 999هه/1590ع تي اڪبر بادشاهه جي حڪم سان سنڌ لاءِ روانو ٿيو، جنهن جي ماده تاريخ مولانا فيضيءَ هيٺينءَ ريت ڪڍي: ’قصدتته‘ هه اڪبر بادشاهه خانخانان ۽ مير معصوم کان سواءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ٻيا نامور امير ۽ جنگي جوڌا سنڌ تي قبضي لاءِ چونڊيا، جن مان سپهه سالار بهادر ۽ جان بيگ'>جانش بهادر ۽ جان بيگ سر فهرست آهن. جانش بهادر هڪ ئي تلوار جي وار سان ڪيترن ئي ماڻهن جا سر قلم ڪري سگهندو هو. جان بيگ لاءِ مشهور هو ته هو گهوڙي جي رڪابن تي پير رکي بيهي وڙهندو هو يا وري زمين تي لهي وڙهندو هو.


لفظ جانش بهادر ۽ جان بيگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو